ريگڻ قلعو

ريگڻ قلعو: ريگڻ، ڪچو قلعو يا ڪوٽ آهي، جيڪو لسٻيلي جي ڳوٺ ريگڻ (بلوچستان) ۾ واقع آهي. اڍائي سؤ وال ڊگهو ۽ اڍائي سو وال ويڪرو ٿيندو. ان جون ڀتيون اوچيون آهن. جيڪي چڱيءَ حالت ۾ آهن. ان کي ڪنڊن وٽ مورچا آهن. ڀتيون هيٺ تري ۾ 5 يا 6 فوٽ ويڪريون، پر سلاميءَ تي آهن ۽ انهن جي مٿي ارڙهن انچن کان وڌيڪ موڪر ڪانه آهي. ڪوٽ کي رڳو هڪ دروازو آهي، جو ڏکڻ واري وچئين مورچي جي هيٺان آهي. اندر گهر آهن، جن کي الڳ ڀتيون ڏنل آهن. اندرين ۽ ٻاهرين ڀتين جي وچ ۾ ٽيهن فوٽن جو مفاصلو آهي. دروازي تي پهرو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو